ڄامڙو مريد علي ( راڳي)

ڄامڙو، مريد علي: راڳي مريد علي ولد علي بخش ڄامڙي، 1 فبروري 1975ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول راڻيپور ۽ ايم. اي (اڪنامڪس) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان پاس ڪيائين. کيس ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. استاد اسڪول ۾ کيس ڳارائيندا هئا. هن جو ڀاءُ ڪريم بخش ’ڪريم‘ به سٺو شاعر هو. هن پهريان محفلن ۾ ڳايو، بعد ۾ 1990ع ڌاري ريڊيو پاڪستان خيرپور تي نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ خبرون پڙهڻ لڳو. سندس پهريون ڪلام ناليواري براڊڪاسٽر مختيار ملڪ ’نئين ٽهي‘ پروگرام ۾ رڪارڊ ڪيو. هن نجم علي ۽ برڪت عليءَ کان راڳ جي سکيا به ورتي. 1992ع ڌاري وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڳوٺ ڇڏي ڪراچيءَ ويو، جتي ريڊيي سان لاڳاپجي ويو. ريڊيي تي ڳائڻ سميت ڪمپيئرنگ ۽ انائونسمينٽ ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ ايف. ايم 101 تي آڊيو لائبريرين مقرر ٿيو. ايف. ايم تان ’سائل آزاد‘ جو لکيل گيت ’مين رانجها تو هير‘ هن جي آواز ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻيو. هن پي ٽي وي جي پروگرامن ’روشن تارا‘، ’اڏام‘ ۽ ’ڪچهري‘ پروگرامن ۾ به ڳايو. هن ان کان سواءِ هن ڪشش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي به پروگرام ڪيا. هن وقت سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ڳائي ٿو. کيس سٺي ڳائڻ تي پاڪستان مسلم ويلفيئر فورم پاران اوارڊ به مليو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.02.01  عيسوي

راڳي مريد علي ولد علي بخش ڄامڙي، 1 فبروري 1975ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀليڏنو ڀنڀرو
پلي محمد صديق
حيدر شاهه حقاني رضوي سيد
اصغر سنڌي
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
الهداد خان صوفي نواب
ٽالپر حاجي محمد بخش
جلال محمد هالائي مخدوم
اشرف منصور دائودپوٽو
ريحانه لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون